درگاهه هيبت شهيد

درگاهه هيبت شهيد

درگاهه هيبت شهيد

درگاهه هيبت شهيد: نامياري بزرگ هيبت شهيد جي هيءَ درگاهه تنگواڻي، ضلعي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي ڏکڻ طرف ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي واقع آهي. هيءُ بزرگ ذات جو ڏاهاڻي هو. هن درگاهه جي چؤڌاري 48 ايڪڙن جي وسيع ايراضي تي پراڻو قبرستان آهي، جنهن ۾ کٻڙ ۽ ڪنڊيءَ جا ڪيترا پراڻا وڻ پڻ موجود آهن. هن مقام ۾ انگريز عملدار ۽ جيڪب آباد جي اڏيندڙ سر جان جيڪب جي گهوڙي جي قبر ۽ يادگار پڻ موجود آهي. نامور محقق مومن بلي، پنهنجي ڪتاب ‘Kashmore: Now & Then’ جي صفحي 163 تي لکيو آهي ته: “جان جيڪب، هن بزرگ جي ڪرامتن کان متاثر ٿي، هتي ايندڙ زيارتين جي سهولت لاءِ کوهه کوٽرايو هو، جيڪو اڃا تائين موجود آهي پر هاڻي جديد سهولتن سان پاڻي جي فراهميءَ سبب استعمال هيٺ نه آهي. ”
هيبت شهيد جو مقبرو، مقام جي وچ تي هڪ چؤڪنڊي ڪمري تي مشتمل آهي، جنهن جي مٿان ڪجهه فوٽن تائين اٺڪنڊي ديوار ۽ مٿان اُڀو گنبذ اڏيل آهي. گنبذ جي مٿان پانيل به لڳل آهي. درگاهه جي عمارت نهايت سادي ۽ سرن جي ٺهيل آهي، مٿس ڪنهن به قسم جي آرائش ۽ زيبائش کان پاسو ڪيو ويو آهي. مقبري ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هڪ ونگائون لنگهه آهي، جنهن ۾ ڳاڙهي رنگ جي ڪاٺ جو در نصب آهي. درگاهه اندر هيبت شهيد جي مزار سان گڏ هڪ ٻي مزار به آهي، جنهن بابت ڪا خاص ڄاڻ ڪونهي. درگاهه جي احاطي ۾ 7 کان 8 فوٽن جي باؤنڊري ڏنل آهي. مزار کان ٿوري ئي فاصلي تي جان جيڪب جي گهوڙي جو يادگار اڏيل آهي. درگاهه هيبت شهيد تي ساليانو عرس ذوالحج جي مهيني ۾ لڳندو آهي، جنهن ۾ عقيدتمند وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا آهن.


لفظ درگاهه هيبت شهيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو